ورلڊ ڪپ ۾ شرمناڪ شڪست: ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو آسٽريلوي ڪپتان سان توهين جوڳو رويو

احمد آباد: ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شرمناڪ شڪست تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ميزباني جا آداب به وساري ويٺو.

احمد آباد ۾ ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽڻ کان پوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي فاتح ٽيم آسٽريليا جي ڪپتان پيٽ ڪمنز کي ٽرافي ڏيڻ آيو. مودي آسٽريليا جي ڪپتان کي ٽرافي ڏيڻ کان پوءِ ان سان بنا هٿ ملائڻ ۽ ڳالهائڻ کان سواءِ واپس روانو ٿي ويو.

مودي جي اهڙي حرڪت تي حيران ٿيندڙ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽرافي هٿ ۾ کڻي ڀارتي وزيراعظم جي بي رخي سان وڃڻ تي کيس ڏسندو رهيو. ڀارتي وزيراعظم جي آسٽريلوي ڪپتان سان توهين جوڳي رويي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

سوشل ميڊيا صارفين جي اڪثريت جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هندو انتهاپسندن جي هيرو نريندر مودي کان اهڙي رويي جي اميد نه هئي. مودي جي اهڙي رويي ڀارت کي عالمي سطح تي شرمندو ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔