غزه ۾ جنگبندي: چين سعودي عرب سميت مسلمان ملڪن جي وزيرن کي تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو

بيجنگ: چين ۾ ٿيندڙ سعودي عرب سميت ٻين اسلامي ملڪن جي وزيرن جي اجلاس ۾ غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي لاءِ چين هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ملڪن جي وزيرن جي وفد سومر جي ڏينهن چين جي گادي واري شهر بيجنگ جو دورو ڪيو جتي وزيرن اهم ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ غزه ۾ اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ ۽ علائقي ۾ انساني امدادي جي بحالي لاءِ دورن کي پهريون قدم قرار ڏنو ويو آهي. اجلاس دوران وزيرن غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي چيني پرڏيهي وزير وانگ يي عرب ۽ مسلمان ملڪن جي وزيرن جي وفد کي ٻڌايو ته وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي ۾ مدد لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.

چيني پرڏيهي وزير چيو ته غزه ۾ هڪ وڏي انساني تباهي سامهون اچي رهي آهي جيڪا سڄي دنيا جي ملڪن کي متاثر ڪندي. عالمي برادري کي غزه  ۾ انساني تباهي کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ گهرجن.

ان حوالي سان سعودي پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل کي روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي ضروت آهي. هوڏانهن سعودي عرب ۾ غزه ۾ اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل تي دٻاءُ وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

وزيرن جي وفد جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي مستقل رڪنيت رکندڙ ملڪن جي عهديدارن سان به ملاقات ٿيندي جنهن ۾ مغرب تي دباءُ وڌو ويندو ته هو اسرائيل جي ان موقف کي رد ڪري ته هو غزه ۾ پنهنجي حق جي دفاع ۾ حملا ڪري رهيو آهي.

اهڙي اجلاس ۾سعودي عرب، اردن، مصر، انڊونيشيا ۽ فلسطين جي وزيرن سميت او آءِ سي ۽ ٻيون اختياريون شامل هيون.

بيجنگ کان پوءِ ساڳيا وزير ٻين ملڪن جو به دورو ڪندا ته جيئن غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني بنيادن تي غزه جي ماڻهن لاءِ امدادي سامان جي ترسيل ممڪن بنائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔