نوازشريف جي چونڊ مهم واشنگٽن، وائٽ هائوس ۽ پينٽاگون ۾ هلي رهي آهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته نوازشريف جي چونڊ مهم واشنگٽن، وائٽ هائوس ۽ پينٽاگون ۾ هلي رهي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهين دوران صحافي طرفان بابر اعواڻ کان سوال ڪيو ويو ته علي نواز اعواڻ جي استحڪام پارٽي ۾ شموليت کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ان تي بابر اعواڻ چيو ته ساڳئي طرح جيئن اوهان ڏسو ٿا.

بابر اعواڻ چيو ته پهريان ننڍي ڀاءُ کي امپورٽڊ وزيراعظم جي طور تي ويهاريو ويو. هاڻ نوازشريف ڊبل امپورٽڊ آهي. آمريڪي سفارتخاني جا 2 بيان اهڙي ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن پهريان ڊونلڊ لو هو ۽ هاڻ ڊونلڊ بلوم آهي. هن چيو ته نوازشريف لاءِ مون پهريان لفظ استعمال ڪيو هو ته هن پوليٽيڪل ايڪٽر سان ملاقات ڪئي. نوازشريف جي چونڊ مهم واشنگٽن، وائٽ هائوس ۽ پينٽاگون ۾ هلي رهي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ماڻهو تيار ويٺا آهن ته 8 فيبروري تي مهانگائي ۽ پيٽرول بم جو بدلو وٺنداسين. پرچي ذريعي بدلو ورتو ويندو جيئن جمهوريت ۾ ٿيندو آهي. عوام کي ووٽ وجهڻو آهي ڪنهن جو ڪوبه هٿ نٿو جهلي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔