گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ڪندڙ جاچ آفيسرن جا نالا به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ڪندڙ جاچ آفيسرن جا نالا به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

 جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيل شهرين جي جاچ ۾ ناڪام ٿيندڙ آفيسرن جا نالا به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن، جيڪو به جاچ آفيسر ڪوتاهي ڪندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت اهو سمجهندي ته انهن جاچ آفيسرن به شهرين جي گمشدگي ۾ مدد ڪئي

 ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ حاڪم شيخ چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت هيل تائين جي آءِ ٽي جا 9 ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا 2 اجلاس ٿي چڪا آهن

 عدالت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته عوام جو صبر ختم ٿي رهيو آهي، وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽريز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان 18 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔