مڙس سان رومانوي ڪردار ڪندي شرم ايندو آهي: رابعه ڪلثوم

ڪراچي :اداڪارا رابعه ڪلثوم جو چوڻ آهي ته هو ۽ منهنجو مڙس گڏ ڊرامي جي شوٽنگ ۾ مصروف آهيون، سيٽ تي مڙس سان رومانوي سين ڪندي شرم اچي ويندو آهي

تازو هڪ ٽي وي شو ۾ هن چيو ته منهنجو ڀاءُ، ڀاڄائي، ماءُ کانپوءِ مڙس به اداڪاري ۾ اچي ويو آهي، مڙس فنانس جي تعليم ۽ مون ڊينٽسٽ جي تعليم حاصل ڪئي آهي، شادي بعد مڙس اداڪاري لاءِ سنجيده ٿيو، هو 15 سال ڳائڻو به رهيو آهي، اداڪاري لاءِ هن ناپا جوائن ڪيو ۽ پوءِ شوبز انڊسٽري ۾ آيو، هاڻي هڪ ڊرامي جي شوٽنگ ڪري رهيا آهيون جلد ٽي وي تي اچي ويندو

هن چيو ته اسان زال مڙس جو ڪردار نڀائي رهيا آهيون پر منهنجو ڪردار ناڪاري آهي، اصل زال مڙس هجڻ جي ڪري شوٽنگ ۾ مزو به ايندو آهي پر رومانس ڪندي شرم اچي ويندو آهي، جيئن اسان هڪ ٻئي کي سڃاڻون ئي نٿا. ان دوران ڊائريڪٽر اسان کي ٻڌائيندو آهي ته اسان اصل ۾ به زال مڙس آهيون، شرمايون نه

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔