شيائومي جي شوقينن لاءِ شاندار فون، قيمت مناسب قرار

ڪراچي : چيني اسمارٽ فون ڪمپني شيائومي پنهنجي مشهور برينڊ ريڊمي جي نوٽ 13 پرو کي متعارف ڪرايو آهي جنهن کي ڪيمرا ۽ بيٽري سبب اگهه جي حوالي سان مناسب قرار ڏنو پيو وڃي.

ڪمپني ريدمي سيريز جي پرو نوٽ نوان فون ٻه مهينا اڳ سيپٽمبر ۾ به نوٽ سيريز جا ٻه بجيٽ فون متعارف ڪرايا هئا.

ڪمپني ٻه هفتا اڳ به ريڊمي جو سستو فون متعارف ڪرايو هو ۽ هاڻي شيائومي نوٽ 13 پرو کي پيش ڪيو آهي.

نوٽ 13 پرو کي 6 ڏهائي 7 انچ اسڪرين جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري ماڊيول سان پيش ڪيو ويو آهي.

فون جي مين ڪيمرا 108 ميگا پڪسل ۽ 2 ميگا پڪسل آهي.

فون جي بيٽري 5 هزار ايم اي ايڇ ۽ چارجر 33 واٽ جو آهي، جنهن ۾ ميڊيا ٽيڪ 6080 جي چپ ڏني وئي آهي.

فون کي شروعاتي طور چين ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڪمپني فون جو پاڪستاني اگهه 62 هزار رپين تائين رکندي.

جلد فون کي پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ اهو اگهه مناسب قرار ڏنو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔