رشميڪا جي فيڪ وڊيو ٺاهيندڙ جوابدار جو پتو پئجي ويو، پڇاڳاڇا

نئين دهلي: ڀارتي اداڪارا رشميڪا مندانا جي غير اخلاقي ڊيپ فيڪ وڊيو واري ڪيس ۾ دهلي پوليس وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندڙ جوابدار جو پتو لڳائي ورتو

رپورٽ موجب رشميڪا مندانا ڊيپ فيڪ وڊيو واري ڪيس ۾ بهار رياست جي 19 ورهين جي نوجوان کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس کي شڪ آهي ته نوجوان سڀ کان پهريان وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي اپ لوڊ ڪئي ۽ پوءِ ان وڊيو کي سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمز تي وڏي پيماني تي شيئر ڪيو ويو

پڇا ڳاڇا دوران نوجوان دهلي پوليس کي ٻڌايو ته هن رشميڪا مندانا جي ڊيپ فيڪ وڊيو انسٽاگرام جي هڪ اڪائونٽ تان ڊائون لوڊ ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔