مرڪ جان جو واقعو ڳجهارت بڻيل، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سبب نه ڄاڻايو ويو

حيدرآباد : جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جي ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ وارو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي جڏهن ته ميڊيڪو ليگل شعبي پاران سندس شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ پوليس حوالي ڪئي وئي آهي

پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سندس موت جو سبب ناهي ڄاڻايو ويو رڳو اها ڳالهه واضح ڪئي وئي آهي ته سندس ساهه جو سڳو نلڪي بند ٿيڻ سبب ٽٽو جنهن دوران هو فوت ٿي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته مرڪ جي ڳلي تي رئي جو ڪارو نشان واضح طور نظر آيو

جڏهن ته ليڊي ايم ايل او پاران سندس جسم جي مختلف حصن مان رت جا نمونا ۽ ڪجهه جزا به ڪڍيا ويا آهن جيڪي ٽيسٽن لاءِ انهن پوليس حوالي ڪري ڇڏيا آهن

رابطو ڪرڻ تي نسيم نگر پوليس پوسٽ جي انچارج وحيد پنهور تصديق ڪئي ته ميڊيڪو ليگل شعبي پاران کين شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي پر ان اڃا هو معاملو واضح ناهي ٿيو ته ڪامريڊ مرڪ مبينا طور آپگهات ڪيو آهي يا کيس ڪنهن قتل ڪيو آهي جنهن ڪري اها ڳالهه تڏهن واضح ٿيندي جڏهن باقي ورتل جزن ۽ نمونن جي رپورٽ ليبارٽري مان فراهم ٿيندي، ان کانپوءِ لاڳاپيل پوليس سرجن کين حتمي رپورٽ فراهم ڪندو ته مرڪ جو موت ڪيئن ٿيو آهي

مرڪ جان جو واقعو ڳجهارت بڻيل، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سبب نه ڄاڻايو ويو

هن چيو ته مرڪ جي جسم مان رت جا نمونا وٺي ڪيميڪل لاءِ اماڻيا ويا آهن ته جيئن زهريلي شيءَ واپرائڻ وارو معاملو به ڪليئر ٿي سگهي جڏهن ته فنگر پرنٽس ۽ نهن ”ناخن“ جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ به جزا کين ميڊيڪو ليگل شعبي پاران فراهم ڪيا ويا آهن

 انچارج موجب اڃا تائين مرڪ جي والدين ساڻن ڪو رابطو ناهي ڪيو جنهن ڪري جاچ به اڳتي ناهي وڌي سگهي جڏهن ته مرڪ جي نالي سان منسوب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل خط کي به انهن محفوظ بڻايو آهي ته جيئن مرڪ جا والدين وٽن ايندا ته هو لکڻي ميچ ڪرڻ لاءِ سندس لکيل ٻيون ڪاپيون يا ڊائري وغيره گهرائيندا ۽ اها ڳالهه ثابت ٿي ته اهو خط واقعي ئي مرڪ لکيو آهي ته معاملي جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي کي لکيو ويندو

15 نومبر تي قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ قائم نسيم شاپنگ سينٽر جي فليٽ تان مرڪ جو رئي سان ٻڌل مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته فليٽ نمبر 19 سيف جتوئي جي نالي تي آهي جتي ڪمري ۾ لڳل پنکي ۾ مرڪ جو لاش لٽڪيل حالت ۾ هٿ آيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔