سول ۽ عسڪري ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن: اسد عمر

اسلام آباد:رٿا بندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سول ۽ عسڪري ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، وڏي عرصي تائين ماڻهن کان روزگار کسي نه ٿا سگهون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته اسان کي اهڙي نظام جي ضرورت آهي، جنهن سان معيشت جو ڦيٿو به ڦري ۽ ماڻهن جو تحفظ به يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته سول ۽ عسڪري ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، وڏي عرصي تائين ماڻهن کان روزگار کسي نه ٿا سگهون اسد عمر چيو ته سڄي ملڪ کي بند ڪرڻ بدران متاثر علائقن کي بند ڪنداسين، سمارٽ لاڪ ڊائون جي نظام تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته، ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۾ وڏي پئماني تي فيصلا ڪيا ويا آهن. ملڪ ۾ 70 ليب آهن، جتي ڪورونا جون ٽيسٽ ڪري سگهجن ٿيون. رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته، گذريل ڏينهن 13 هزار ڪورونا ٽيسٽ ڪيون ويون، گذريل رات تائين ملڪ ۾ 165 ڄڻا وينٽيليٽرز تي هئا. اسد عمر چيو ته، اسان ايپ ذريعي ملڪ جي اسپتالن ۾ وينٽيليٽرز جو اسٽيٽس اپڊيت ڪري رهيا آهيون. رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته، عوام کي اپيل آهي ته ڪورونا علامت تي ٽيسٽ ڪرائن، اهو سڀني لاءِ ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔