پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور: پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست مزاري ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ آئسوليشن اختيار ڪري ورتي آهي.رپورٽ موجب پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي. ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست مزاري جو چوڻ آهي ته ان جو نجي ليب تان ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو آيو آهي جڏهن ته سرڪاري ليب تان ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي.هن چيو ته طبيعت ڪافي بهتر آهي. ڪورونا وائرس جي ڪابه نشاني ظاهر ناهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائيندس. ڊپٽي اسپيڪر ٻڌايو ته مون سيلف آئسوليشن اختيار ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔