پاڪستان ڪلڀوشن واري معاملي تي ڀارتي وڪيل جا بيان رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: پاڪستان ڀارتي جاسوس ڪلبهوشن جادیو جي وڪيل واري بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.گهرو وزارت جي ترجمان عائشه فاروقي موجب ڪلبهوشن جادهو جي وڪيل بريش سالوي آن لائن ليڪچر ۾ حقيقتن جي ابتڙ ڳالهه ڪئي آهي. ان ڪري ان جي بيان کي رد ڪيو ٿو وڃي.گهرو وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي موجب ڪلبهوشن جادهو کي قونصلر رسائي ڏني ۽ پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلن تي عمل ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته گذريل سال 17 جولاءِ تي انصاف جي عالمي عدالت پاڪستان  مان گرفتار ٿيندڙ ڀارتي جاسوس ڪلبهوشن جادهو جي آزادي واري ڀارتي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.انصاف جي عالمي عدالت ڪلبهوشن جي آزادي ۽ ڀارت واپسي جي ڀارتي درخواست به رد ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته ڪلبهوشن جي پاڪستان واري فوجي عدالت مان سزا ختم ڪرڻ جي ڀارتي درخواست به رد ڪري ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔