پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن کي گهرن ۾ قرنطينا ڪرڻ جي اجازت

پنجاب جي وڏي وزير ڪورونا جي مريضن کي گهرن ۾ قرنطينا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته هوم آئسوليشن لاءِ صحت جي عالمي اداري جي ايس او پيز کي نظر ۾ رکيو ويوآهي، رڳو معمولي علامتون ظاهر ٿيڻ تي مريضن کي گهرن ۾ قرنطينا ڪرڻ جي اجازت هوندي. پنجاب جي وڏي وزير ڪورونا جي مريضن کي گهرن ۾ قرنطينا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڪورونا ايڪسپرٽ ايڊوائزري گروپ ۽ ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ جي سفارشن تي ضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته هوم آئسوليشن لاءِ صحت جي عالمي اداري جي ايس او پيز کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. عثمان بوزدار چيو ته رڳو معمولي علامتن وارن مريضن کي هوم آئسوليشن ۾ رکي سگهجي ٿو. هن چيو ته مريضن کي لاڳاپيل هيلٿ اٿارٽي جي نگراني ۾ ضروري سهولتون سان عمارت ۾ رکيو ويندو. وڏي وزير چيو ته هوٽلز، اسڪول بلڊنگز، مسجدن، هوسٽلز، ڪميونٽي سينٽر ۽ ضروري سهولتن سان گڏ عمارت ۾ مريضن کي رکيو ويندو. وڏي وزير چيو ته جنهن عمارت ۾ مريض کي هوم آئسوليشن ۾ رکيو ويندو، ان عمارت کي روزانو ڊس انفيڪشن ڪيو ويندو،ٻئي طرف پنجاب جي صحت کاتي هوم آئسوليشن جا قائدا ۽ ضابطا جاري ڪري ڇڏيا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، هوم آئسوليشن لاءِ خصوصي ڪميٽيي ٺهندي، جنهن ۾ صحت کاتي جا ملازم به شامل هوندا، ڪميٽي جي سربراهي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪندو. نوٽيفڪيشن موجب، يونين ڪائونسل جي سطح تي به ڪميٽيون ٺهنديون، ڪميٽي قرنطينا لاءِ گهرن جي سائز ۽ گهر ڀاتين جي انگ کانپوءِ جازت ڏيندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔