سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 11هزار480 ٿي ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا جا 709 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 11 هزار 480 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين فوتين جو انگ وڌي 189 ٿي ويو ، شاپنگ مالز کان علاوع مارڪيٽون اڄ صب 6 وڳي کان شام 5 تائين کوليون وينديون. وڏي سيد مراد علي وڊيو لنڪ ذريعي واپارين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 548، حيدرآباد ۾ 29، جيڪب آباد ۾ 19 ۽ شڪارپور ۾ ڪورونا وائرس جا 16 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته گهوٽڪي ۾ 12، سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز ۾ وڌيڪ 16 شهري وائرس جو شڪار ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سکر ۾ 6، لاڙڪاڻي ۾ 5، شهيد بينظير آباد ۾ 4، ٽنڊو الهيار ۾ 2، ڄامشورو ۽ خيرپور ۾ 3-3 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4 هزار 215 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 709 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته اڄ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته 9 مريض فوت ٿي ويا، 9 هزار 210 مريض علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو آهي ته 7 هزار 973 گهرن ۾، 684 آئيسوليشن مرڪزن ۽ 553 مريضن اسپالن ۾ داخل آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 99 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن مان 26 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو آهي ته اڄ 61 مريض صحتياب ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا آهن، صحتياب ٿيڻ وارن جو مجموعي انگ 2 هزار 81 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔