پاڪ ايئرفورس جي ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، حملو ڪندڙ 9 دهشتگرد مارجي ويا

پاڪ ايئرفورس جي ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، حملو ڪندڙ 9 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن اڄ صبح جو سوير ميانوالي تربيتي ايئربيس تي حملو ڪيو، پاڪ فوج جي جوانن منهن ٽوڙ جواب ڏيندي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، پاڪ فوج جي بروقت ڪارروائي جي نتيجي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب پهرين کان گرائونڊ ڪيل 3 جهازن ۽ فيول باورز کي نقصان پهتو، جوانن جوابي ڪارروائي ڪندي اثاثن جو تحفظ يقيني بڻايو، ڪومبنگ آپريشن ڪري علائقي کي ڪليئر ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔