اسٽاڪ مارڪيٽ 6 سالن ۾ پهريون ڀيرو ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ 6 سالن ۾ پهريون ڀيرو ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، شيئرز جي خريداري جي ڪري 602 پوائنٽس جو اضافو ٿيو .

تفصيل موجب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان برقرار رهيو ، اڄ ڪاروبار دوران مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي .

سيڙپڪارن پاران شيئرز جي خريداري جي ڪري 602 پوائنٽس جو اضافو ٿيو ۽ هنڊريڊ انڊڪس تاريخ جي بلند ترين سطح 53 هزار 259 پوائنٽس تي پهچي ويو ، جنهن کانپوءِ ساڍن ڇهن سالن کانپوءِ 53 هزار پوائنٽس جي حد بحال ٿي وئي .

هنڊريڊ انڊيڪس ان کان اڳ مئي 2017 ۾ 53127پوائنٽس جي سطح تي پهتو هو . ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ۽ عام چونڊن جي تاريخ ملڻ ڪري مارڪيٽ تي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو  ٿيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔