سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران ملير جي سرڪاري اسپتال جو اوچتو دورو

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران ملير جي سرڪاري اسپتال جو اوچتو دورو، 50 بسترن واري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ تي نگران وڏي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيوويو

هڪ مريض عورت وڏي وزير آڏو دانهيندي چيو ته اسپتال ۾ پيناڊال جي گورين کانسواءِ ٻي ڪا به دوا نه ٿي ملي، نگران وڏي وزير فارميسي جو دورو ڪري موجود دوائن جو جائزو ورتو

نگران وڏي وزير جي دوري دوران دوائون گهٽ هئڻ باوجود اسپتال انتظاميا پاران دوائن جي خريداري لاءِ ڪو ليٽر نه لکڻ جو انڪشاف ٿيو

 وڏي وزير مقبول باقر پاران ايم ايس عبدالله بروهي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، دوائن جي خريداري ڪري کوٽ فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔