وقت تي چونڊون: (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

لاهور:ملڪ ۾ عام چونڊون وقت تي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ جمعيت علماءِ اسلام(ف) وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي آهي.

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان عام چونڊون دير سان ڪرائڻ جي تجويز واري معاملي تي مسلم ليگ(ن) چونڊن ۾ دير تي مولانا فضل الرحمان جو ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

پارٽي ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) ايندڙ عام چونڊون اليڪشن ڪميشن جي گڏيل شيڊول جنوري 2023 ۾ ڪرائڻ جي مڪمل حمايت جو فيصلو ڪيو آهي. مُک قيادت فيصلو ڪيو آهي ته چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي دير جي مسلم ليگ(ن) مخالفت ڪندي. مسلم ليگ(ن) جي قيادت پارٽي کي مقرر وقت تي ئي چونڊن جي مطالبي تي ڄمي وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ليگي مرڪزي قيادت پارٽي کي مولانا فضل الرحمان جي چونڊن ۾ دير جي مطالبي کان فاصلو رکڻ جي به هدايت ڪئي آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ ٻين پليٽ فارمز تي چونڊن ۾ دير بابت ڪنهن به قسم جي تجويز جي مخالفت ڪئي ويندي.

مسلم ليگ(ن) جي ذريعن موجب نوازشريف ملڪ واپسي تي مينار پاڪستان جي جلسي ۾ چونڊن ۾ دير واري تجويز جي مخالفت ڪندو. مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ نوازشريف ايندڙ سال جنوري  يا فيبروري ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حامي آهي مسلم ليگ(ن) عام چونڊون جنوري يا فيبروري 2024ع کان اڳيان کڻي وڃڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

ياد رهي ته  پاڪستان پيپلز پارٽي پهريان ئي عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔