مهانگائي ۾ گهٽتائي، مفت علاج ۽ تعليم لاءِ عوام کي نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ گهرجي: شهبازشريف

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  عوام کي نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ته جيئن مهانگائي ٻيهر گهٽ ٿئي ۽ اوهان کي تعليم ۽ علاج جي مفت سهوليت ٻيهر ملي سگهي.

عوام جي نالي جاري ڪيل پيغام ۾ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف  چيو آهي ته  عوام 21 آڪٽوبر تي گهرن مان ٻاهر نڪري ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي جي معمار جو پرجوش استقبال ڪري. نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ جو مطلب خوشحال ۽ آزاد پاڪستان آهي.

هن چيو ته 21 آڪٽوبر کان مايوسين جا ڪڪر ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندا. عوام نوازشريف جو ساٿ ڏئي، جنهن ڪراچي پوري ملڪ کي امن ڏنو، دهشتگردي کي منهن ڏنو. نوازشريف جو ساٿ ڏيو جنهن جي دور ۾ اها مهانگائي 47 سالن جي گهٽ ترين سطح تي هئي.

شهباز شريف چيو ته نوازشريف جو ساٿ ڏيو ته جيئن پوري پاڪستان ۾ دانش اسڪول بڻجن، نوجوان کي روزگار ملي ۽ سستي سفر جو ذريعو ميٽروز ٻين شهرن ۾ به بڻجي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔