اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ بابت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد:  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان(اي سي پي) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي عهدي تان هٽائڻ ۽ پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ بابت  ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي 5 رڪني ڪميشن ڪئي. درخواستگذار خالد محمود خان جو وڪيل ڪميشن جي سامهون پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه خانه ڪيس ۾ سزا ٿي چڪي آهي. نوازشريف ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو آرڊر موجود آهي.  ان تي اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ان حوالي سان ڇا آهي؟ وڪيل چيو ته پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر ۾ اها شق موجود هئي. اليڪشنز ايڪٽ ۾ اها شق ته موجود نه آهي. ڪميشن طرفان پڇيو ويو ته جيڪڏهن اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل منظور ٿي ٿي وڃي ته ڇا ٿيندو؟ ان تي وڪيل چيو ته جيڪڏهن اپيل منظور ٿي ٿئي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عهدي تي واپس اچي ويندو

چيف اليڪشن ڪمشنر سوال ڪيو ته نوازشريف ۽ هن ڪيس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ان تي وڪيل چيو ته نوازشريف کي سپريم ڪورٽ نااهل ڪيو، تحريڪ انصاف چيئرمين جي خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ ٽرائيل ڪورٽ فيصلو ڏنو.

جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جي ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي به فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

هوڏانهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان(اي سي پي) پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ بابت ڪيس جو فيصلو به محفوظ ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔