سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هڪ جهڙا موقعا ڏنا وڃن: صدر عارف علوي

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي زور ڏنو آهي ته سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا هڪ جهڙا موقعا ڏنا وڃن. عارف علوي سان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد علي دراني ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي صدر عارف علوي ڳالهيون ڪندي چيو ته ايندڙ عام چونڊون آزادانه، منصفاڻيون شفاف ۽ هڪ جهڙيون ٿيڻ گهرجن. ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ ان جي قيادت کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جا هڪ جهڙا موقعا ڏنا وڃن. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي پسند جو اڳواڻ چونڊ نه ڪري سگهندا ته جمهوريت بي معنيٰ ٿي ويندي.

صدر عارف علوي چيو ته وڇوٽيون ختم ٿيڻ گهرجن. تعاون جو رستو نڪرڻ گهرجي. مشڪل فيصلن لاءِ عوامي حمايت جي ضرورت هوندي آهي.

عارف علوي چيو ته ايندڙ عام چونڊون ملڪ جي نئين سر تعمير لاءِ ضروري تحريڪ پيدا ڪرڻ جو سٺو موقعو آهن. سياسي شموليت جو اهم ۽ واحد معاملو جمهوريت جي روح آهي. معيشيت سميت سمورن امڪاني محاذن تي پريشانين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ سياسي جوڙجڪ ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي اتحاد جي سخت ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔