شاگرياڻي رقص جي شوقين، اسڪالرشپ وڃائي ويٺي

لوزيانا:آمريڪي رياست لوزيانا ۾ هڪ هاءِ اسڪول جي شاگردياڻي رقص جي شوق ۾ پنهنجي اسڪالرشپ وڃائي ويٺي، شاگردياڻي ڪاليج مان گهر واپس اچي پنهنجي فحش ڊانس وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي

واڪر هاءِ اسڪول جي سينيئر شاگردياڻي ڪيلي ٽيمونيٽ کي پرائيوٽ پارٽي ۾ پنهنجي هڪ دوست جي پويان رقص ڪندي ڏيکاريو ويو هو، جنهن کانپوءِ اسڪول جي پرنسپل چيو ته هو اسڪالرشپ جي درخواستن ۾ شاگردياڻي جي قائداڻي ڪردار ۽ اسڪالرشپ کي منسوخ ڪنداسين

هوڏانهن شاگردياڻي ڪيلي هڪ مقامي نيوز آئوٽ ليٽ کي ٻڌايو ته پرنسپل چيو ته مون کي پنهنجو پاڻ تي شرم اچڻ گهرجي، اها ڳالهه ٻڌي مون کي روئڻ اچي ويو ۽ مون کي لڳو ته ڄڻ منهنجي زندگي ختم ٿي وئي آهي

تازي واقعي شاگرد تنظيمن اندر ڪاوڙ ۽ بحث کي جنم ڏنو آهي، اڪثر ماڻهن سوشل ميڊيا تي “ليٽ دي گرل ڊانس” بينر لڳائي شاگردياڻي سان پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڪجهه والدين اسڪول انتظاميا جي قدم کي 1980ع ۾ ايندڙ فلم فوٽ لوز سان ڀيٽا ڏني

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔