سعودي عرب جائز حقن ۽ جٽادار امن جي حاصلات لاءِ فلسطيني عوام سان گڏ آهي: شهزاده محمد بن سلمان

سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته سعودي عرب جائز حقن ۽ جٽادار امن جي حاصلات  لاءِ فلسطيني عوام سان گڏ آهي

حماس ۽ اسرائيل طرفان هڪٻئي تي بمباري ۽ ڇڪتاڻ بعد سعودي ولي عهد طرفان فسلطيني صدر محمدود عباس سان فون تي رابطو ڪيو ويو

 محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب اسرائيل – فلسطين تڪرار روڪڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، سعودي عرب جائز حقن ۽ جٽادار امن جي حصول لاءِ فلسطينين سان گڏ آهي، اسان کي فلسطينين جي زندگي کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي

سعودي خابرو اداري موجب شهزادي محمد بن سلمان جون مصري صدر عبدالفتح السيسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله سان فون تي پڻ ڳالهيون ڪيون، اسرائيل-فلسطين تڪرار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔