پاڪستان طرفان اسرائيلي قابض فوج جو فلسطينين تي جبر فوري بند ڪرڻ جو مطالبو

پاڪستان پاران اسرائيل ۽ فلسطينين وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي

 نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته هاڻوڪي صورتحال ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار طور گڏ بيٺل آهيون، اسرائيلي قابض فوج جو فلسطينين تي جبر ۽ تشدد فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا

 سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔