حماس کان بدلو وٺنداسين، فلسطيني غزه خالي ڪري ڇڏين: اسرائيلي وزيراعظم جي ڌمڪي

اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو پاران فلسطينين کي غزه خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي

 ٽي وي تي ڪيل خطاب دوران اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان غزه ۾ حماس جي ٺڪاڻن کي کنڊر بڻائي ڇڏينداسين، حماس کي اسرائيل تي حملن جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي

اسرائيلي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دشمن کي اهڙو جواب ڏينداسين جيڪو هنن اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هوندو، بدلو وٺنداسين، هر جاءِ تي ڀرپور طاقت کي استعمال ڪنداسين

اسرائيلي اخبار موجب اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پوري اسرائيل ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، اسرائيل ۾ جيڪو ڪجهه ڇنڇر ڏينهن ٿيو اهو ڪڏهن به نه ٿيو هو، هي اسرائيلين تي تمام گهڻو ڏکيو ڏينهن گذريو، يقيني بڻايو ويندو ته ايئن هاڻ ڪڏهن به نه ٿي سگهي

اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتين ياهو تسليم ڪيو ته هن فتح جي قيمت برداشت ڪرڻ آسان ناهي، هي جنگ ڊگهي ۽ سخت ٿيندي پر بدلو وٺنداسين ۽ جنگ کٽينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔