سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس کي اڄ ئي ختم ڪرڻو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي پريڪٽس ۽ پروسيجر جا ضابطا ٺاهڻ لاءِ بااختيار آهي، سپريم ڪورٽ آئين کان مٿانهان رولز ٺاهيندي ته ڪير ته اهو ياد ڏياريندو ته آئين جي دائري ۾ رهو، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس کي اڄ ئي ختم ڪرڻو آهي

ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آئين ته اڳ ئي سپريم ڪورٽ کي پابند ڪري ٿو ته آئين ۽ قانون مطابق رولز ٺاهيو

 چيف جسٽس سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري کي مخاطب ٿيندي چيو ته وقت گهٽ آهي جلدي سان ان سوال جو جواب ڏيو ته سبجيٽ ٽو لا کي ڪڍي ڇڏجي ته رولز ٺاهڻ واري اختيار تي ڪهڙو فرق پوندو؟

عابد زبيري چيو ته آئين مان آئين ۽ قانون موجب رولز ٺاهڻ جا لفظ هٽايا وڃن ته به فرق نه پوندو، چيف جسٽس چيو ته بس ٺيڪ آهي جواب اچي ويو

 جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هڪ ٻيو سوال آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي اختيار کان تجاوز ڪندي قانون ٺاهي سگهي ٿي؟ اسان کي ڏسڻو پوندو ته آئين ڪنهن به اداري کي آئيني حدن جو پابند ڪٿي بڻائي ٿو

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آئين سپريم ڪورٽ کي آئين ۽ قانون مطابق رولز ٺاهڻ لاءِ بااختيار بڻائي ٿو، ڳالهه ختم، پارليامينٽ سپريم ڪورٽ کي رولز ٺاهڻ جو اختيار ڏنو جيڪو سپريم ڪورٽ استعمال ڪيو، ڇا ان کانپوءِ قانونسازي ذريعي سپريم ڪورٽ جي رولز کي بدلائي سگهجي ٿو؟

عابد زبيري چيو ته جڏهن سپريم ڪورٽ رولز ٺاهي ورتا ته پوءِ انهن کي قانون ذريعي بدلائي نه ٿو سگهجي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اڄ ئي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا، مان وڪيلن کي ٻڌڻ چاهيان ٿو، جج صاحب پنهنجي فيصلي ۾ جيڪو لکڻ چاهين ٿا لکن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔