حماس جا اسرائيل تي راڪيٽ حملا، 22 اسرائيلي مارجي ويا، 500 کان وڌيڪ زخمي

حماس جا اسرائيل تي راڪيٽ حملا، 22 اسرائيلي مارجي ويا، 500 کان وڌيڪ زخمي

بيت المقدس:(ڇنڇر: 07 آڪٽوبر 2023ع) فلسطيني مزاحمتي تنظيم ۽ غزه جي حڪمران پارٽي حماس آپريشن طوفان الاقصيٰ جو اعلان ڪندي اسرائيل تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 22 اسرائيلي مارجي ويا آهن جڏهن ته 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب غزه مان اسرائيل تي 7 هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا جڏهن ته ڪيترائي فلسطيني مجاهد اسرائيل ۾ داخل ٿي ويا آهن جتي انهن  جون روڊن ۽ گهٽين ۾ اسرائيلي فوجين سان چڪريون ٿي رهيون آهن.

حماس حملن جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته اسرائيل تي 7 هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن. فلسطيني راڪيٽ حملن ۾ اسرائيل جي شهر اشڪيلون ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي باهه لڳي وئي آهي. جڏهن ته حملن دوران ويڙهاڪن اسرائيلي فوج جي ٽينڪن تي قبضو ڪري ڪمانڊر سميت ڪيترن ئي فوجين کي يرغمال بڻائي ورتو آهي.

ٻئي طرف اسرائيل پاران به غزه تي جوابي حملا  شروع ڪيا ويا آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب غزه ۾ حماس جي ٺڪاڻن تي ٽارگيٽيڊ حملا ڪيا پيا وڃن. سڄي اسرائيل ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اسرائيلي وزيرعظم نيتن ياهو چيو آهي ته اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون. اسرائيل جارحيت خلاف ڪاميابي ماڻيندو. ٻئي طرف فلسطيني صدر محمود عباس چيو آهي ته اسرائيل ۽ ان جي جارحيت خلاف دفاع ڪرڻ اسان جو حق آهي.

حماس طرفان ڪيل راڪيٽ حملن ۾ اسرائيل کي ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي. سندس ڪيترن ئي علائقن ۾ بلڊنگون تباهه ٿي ويون آهن جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون سڙي خاڪ ٿي ويون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔