پاڪستان ڇڏڻ جو الٽي ميٽم: افغان شهرين ملڪيتون وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون

لاهور: پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين جي واپسي جو عمل تيز ٿي ويو آهي، 54 افغان خاندان واپس هليا ويا آهن جڏهن ته پشاور، خيبر ۽ ٻين علائقن ۾ افغانين پنهنجون ملڪيتون وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.

اطلاعات بابت نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻو پوندو. هن چيو ته غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي گرفتاري ۽ ملڪ بدري يقيني بنائينداسين. پرڏيهين کي 31 آڪٽوبر تائين پاڪستان ڇڏڻو پوندو.

افغان پناهگيرن کي واپسي جي ڊيڊ لائين ڏيڻ ملڻ کان پوءِ صوبائي گادي وارن شهرن سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ اليڪٽرانڪ جو سامان سستو ٿي ويو آهي ۽ گهرن  جا ڀاڙا پڻ گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔