پاڪستان افغانين کي نيڪالي ڏيڻ بدران تحفظ ۽ پناهه ڏيڻ جو سلسلو جاري رکي: گڏيل قومون

نيويارڪ:  گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته هو افغانين کي نيڪالي ڏيڻ بدران تحفظ ۽ پناهه ڏيڻ جو سلسلو جاري رکي. افغانين کي فوري طور نيڪالي  ڏيڻ سان وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، پاڪستان خطرن جي ور چڙهيل افغانين کي نيڪالي ڏيڻ بدران انهن کي تحفظ ۽ پناهه ڏيڻ جو سلسلو جاري رکي.

گڏيل قومن طرفان افغان پناهگيرن جي مدد جي اپيل ڪندي چيو ويو آهي ته سمورا ملڪ افغان شهرين جي طاقت جي زور تي واپسي جو عمل روڪين.

انٽرنيشنل آرگنائزيشن فار مائيگريشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان مان جن ماڻهن کي نيڪالي ڏني پئي وڃي انهن لاءِ خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. عالمي ادارو خطري جي ور چڙهيل افغانين جي رجسٽريشن ۽ قيام ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

گڏيل قومن طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان افغان پناهگيرن جي سڃاڻپ، رجسٽريشن جي عمل ۾ پاڪستان سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون اهڙن ماڻهن سان تعاون لاءِ تيار آهيون جنهن کي عالمي مدد جي ضرورت آهي. گڏيل قومن موجب جن افغانين  ملڪ ۾ تحفظ گهريو آهي انهن کي زبردستي واپس اماڻيو ويو ته اهو انهن لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔