نواز شريف مختلف بيمارين ۾ مبتلا، برطانوي اسپتال جي طبي رپورٽ جاري

لنڊن: برطانيه جي رائل برومپٽن اسپتال ن ليگ قائد نواز شريف جي طبي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ رائل برومپٽن اسپتال جي ڪنسلٽنٽ ڪارڊيالوجسٽ پروفيسر ڪارلوڊي ماريو طرفان جاري ڪئي وئي آهي.

برطانوي ڊاڪٽر جي رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نواز شريف کي اڃا تائين دل جي عارضي ۾ مبتلا آهي، شوگر ۽ ٻين بيمارين سبب کيس پاڪستان ۽ لنڊن ۾ مسلسل فالو اپ جي ضرورت آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ماضيءَ جي باءِ پاس سرجري ۽ انجيو پلاسٽي سبب نواز شريف جو لڳاتار طبي معائنو ڪيو، اسان نواز شريف جي پهرين اينٽي اينجنل ٿراپي جي بهتري لاءِ علاج ڪيو، نواز شريف کي انجائنا علامتن ۽ ڪورونا سبب پاڪستان وڃڻ کان روڪيو ويو هو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بيماريءَ جون علامتون وڌي ويون آهن، اسان نواز شريف جي انجيو پلاسٽي ٻيهر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، نواز شريف جي انجيو پلاسٽي نومبر 2022ع ۾ ڪئي وئي، ان دوران نواز شريف کي اسٽنٽ به وڌا ويا.
ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 21 آڪٽوبر تي ڏيهه ورڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن لاءِ ن ليگ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔