سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس طلب، افغانين خلاف آپريشن بابت بريفنگ ڏني ويندي

سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ اڄ شام ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي

اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي رينجرز ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيندا، اجلاس ۾ ڪچي اندر ڌاڙيلن خلاف آپريشن پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن جي حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني ويندي

اجلاس ۾ افغانين سميت غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف جاري ڪارروائين بابت به بريفنگ ڏني ويندي، آءِ جي سنڌ ڏوهن ۾ افغانين جي ملوث هئڻ بابت رپورٽ به پيش ڪندو

ايف آءِ اي پاران ڊالرز جي غيرقانوني اسمگلنگ خلاف جاري ڪريڪ ڊائون بابت ايپڪس ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔