ورلڊ ڪپ: نيڌرلينڊز خلاف پاڪستان جا 6 رانديگر آئوٽ ٿي ويا

دکن: آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٻي ميچ ۾ نيڌرلينڊز خلاف پاڪستان جي ڇهين وڪيٽ وڪيٽ 186 رنسن تي ڪري پئي.
حيدرآباد دکن ۾ جاري آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي مهم جي شروعات اڄ کان ڪئي جتي نيڌرلينڊز ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات اوپنر فخر زمان ۽ امام الحق ڪئي.
پاڪستاني بيٽر اننگز جي شروع ۾ نيڌرلينڊز بالرن آڏو مشڪل جو شڪار نظر آيا. فخر زمان 12، بابر اعظم 5 ۽ امام الحق 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
سعود شڪيل پنهنجي ورلڊ ڪپ ڊيبيو ميچ ۾ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٻٽيهه بالن تي شاندار ففٽي اسڪور ڪئي.
سعود شڪيل پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي ٻي ففٽي اسڪور ڪئي جنهن ۾ ست چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو.
وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان به بهترين بيٽنگ ڪندي ڇهن چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي پر 29 هين اوور ۾ سعود شڪيل 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ 182 رنسن تي پاڪستان جي پنجين وڪيٽ محمد رضوان جي صورت ۾ ڪري.
پاڪستان جي ڇهين وڪيٽ 32 هين اوور ۾ 186 رنسن جي مجموعي اسڪور تي افتخار احمد جي صورت ڪري، هو 9 رنسون ٺاهي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔