فاطمه ڪيس: اسد شاهه، حنا شاهه، فياض شاهه ۽ امتياز جيل حوالي

خيرپور: ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسد شاهه، حنا شاهه، فياض شاهه ۽ سهولتڪار امتياز ميراثي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليا ويا آهن

 پوليس چئني جوابدارن کي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي استدعا ڪئي

عدالت پوليس جي استدعا رد ڪندي جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

ٻارڙي فاطمه جي امڙ شبنم چيو آهي ته جوابدار حنا شاهه جو منهن لڪائڻ بدران چهرو ڏيکاري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

فاطمه جي وارثن جي وڪيل صفدر ڪناسرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙيءَ سان جنسي زيادتيءَ جي تصديق ٿي چڪي آهي، هاڻي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته اها زيادتي ڪنهن ڪئي، پوليس 22 جوابدارن جا ڊي اين اي سيمپل وٺي چڪي آهي

وڪيل موجب لاهور جي ليب مان رپورٽ اچڻ بعد زيادتي ڪندڙ جي خبر پئجي سگهندي

فاطمه جي امڙ ۽ وڪيل پاران جاچ واري عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔