پاڪستان جي افغان پناهگيرن بابت پاليسي تبديل نه ٿي آهي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد: پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زهريٰ بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي افغان پناهگيرن بابت پاليسي تبديل نه ٿي آهي

هفتيوار بريفنگ دوران زهريٰ بلوچ چيو ته افغان پناهگيرن جي خلاف نه پر غير قانوني پناهگيرن جي خلاف آهيون، پاڪستان ۾ رڳو افغان پناهگيرن نه پر غير قانوني طور ترسيل سمورن پرڏيهين خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي

هن چيو ته  پاڪ افغان ٻطرفي تجارت بند نه ٿي آهي، اهي بي بنياد رپورٽس آهن پاڪستان افغانستان جي عبوري حڪومت سان ڳالهيون جاري رکندو، پاڪستان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جو غير قانوني استعمال روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔