حڪومت نيب ترميم ڪيس جي حڪمنامي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: حڪومت نيب ترميم ڪيس جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

وفاقي حڪومت نيب ترميم ڪيس جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ 15 سيپٽمبر تي نيب ترميم ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو ۽ عمران خان جي درخواست منظور ڪندي نيب ترميم ڪالعدم قرار ڏني هئي.

عدالت طرفان بي نامي جي تعريف، آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ ثبوت استغاثه تي منتقل ڪرڻ جي نيب ترميم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ سياستدانن جا 50 ڪروڙ کان گهٽ ماليت جي ڪرپشن جا ڪيس هڪ دفعو ٻيهر نيب ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن.

عدالتي فيصلي جي روشني ۾ نيب نوازشريف، آصف زرداري ۽ ٻين سياستدانن جا 80 ڪرپشن ڪيسز بحال ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔