نيپرا بجلي جي قيمت ۾ هڪ روپيو 71 پئسا في يونٽ اضافو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: عوام جي لاءِ هڪ ٻئي ڇرڪائيندڙ خبر سامهون اچي وئي آهي. بجلي جي قيمت ۾ هڪ دفعو ٻيهر هڪ روپيو 71 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب بجلي جي قيمت ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ڪيو ويو آهي جنهن جي نيشنل پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) منظوري ڏيندي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ 1 روپيه 71 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي جيڪو ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي.. اضافو هلندڙ مهيني جي بلن تي ٿيندو جنهن سان صارفين تي 22 ارب کان وڌيڪ جو اضافي بار پوندو.

نوٽيفڪيشن موجب قيمت ۾ واڌ جو اعلان لائف لائن سميت ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي نه پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔