پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جو ٽيون ڪيس سامهون اچي ويو

اسلام آباد:  پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جو ٽيون ڪيس سامهون اچي ويو آهي.

وفاقي اختيارين موجب خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون جي يوسي گهوڙا بڪا خيل ۾ ڏيڍ سالن جي ٻارڙي پوليو وائرس جي نتيجي ۾ معذور ٿي وئي آهي.

وفاقي اختيارين ٻڌايو آهي ته هينئر تائين پوليو کان متاثر ٿيندڙ ٻارن جو انگ 3 ٿي ويو آهي ۽ پوليو کان متاثر ٽئي ٻار ضلعي بنون جا رهواسي آهن.

اختيارين ٻڌايو آهي ته بنون ضلعي جي ماحولياتي نمونن ۾ به هڪ دفعو ٻيهر پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ هينئر تائين 34 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔