ادارن سڀني کي بيوقوف بڻائي رکيو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪراچي جي پبلڪ پارڪس ۽ گرائونڊز ۾ داخلا ۽ پارڪنگ فيس جي اوڳاڙي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هي

فيس جي اوڳاڙي خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائيندي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت چيو ته سٽي گورنمينٽ جي چئني ادارن سڀني کي بيوقوف بڻائي رکيو آهي، رات جي اونداهي ۾ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي کي بڻايو ويو

عدالت چيو ته ڊي ايم سي سٽي گورنمينٽ بڻجي وئي آهي، سمورا ادارا ملي ڪري ڪي ڊي اي بڻجي ويا آهن، اهو ٿي ڇا رهيو آهي؟ اسان عوامي پارڪس ۽ راندين جي ميدانن ۾ ڪاروباري سرگرميون ڪرڻ نه ڏينداسين، پبلڪ پارڪس ڪنهن کي ليز تي ڏنا ويا آهن ته ان جا تفصيل فراهم ڪيو

عدالت ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز ۽ واڳيل ادارن کان پارڪس ۽ گرائونڊز بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔