سائفر ڪيس: پي ٽي آءِ وڪيلن جي ٽرائل روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي

راولپنڊي: آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف سائفر گمشدگي ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل سيڪريٽ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪئي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جا وڪيل اڊيالا جيل ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباسي به ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي به عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو.

سائفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل جي ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي ۽ صرف 12 وڪيلن کي اڊيالا جيل ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ وڪيلن سائفر ڪيس ۾ ٽرائيل روڪڻ جي درخواست داخل ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته جيل ٽرائيل ۽ ان ڪيمرا ٻڌڻي جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي فيصلو محفوظ آهي جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ان ڪيمرا ٻڌڻي تي فيصلو نه ٻڌائي ڪيس جي ڪارروائي کي روڪيو وڃي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جي وڪيلن چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين چالان جون ڪاپيون ٽرائيل جي لاءِ نه ڏنيون وڃن. شفاف ۽ منصفاڻي ٽرائيل جي  لاءِ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ وڪيلن جو اهو به چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ ۾ سائفر ڪيس جي ان ڪيمرا ٻڌڻي جو فيصلو به محفوظ آهي ان ڪري فيصلو اچڻ تائين ٽرائيل روڪيو وڃي. جنهن تي جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪوبه اسٽي نه ڏنو آهي.

ٻئي طرف ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ان ڪيمره آهي ان ڪري صحافين جي داخلا تي پابندي لڳائي وڃي. جنهن تي جج چيو ته سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي رهي آهي عام شهري عدالت ۾ موجود نه آهن.

پي ٽي آءِ وڪيلن جي اعتراضن سبب عدالت اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔