مستونگ ڌماڪو: سيڪيورٽي ادارن سهولتڪاري جي شڪ ۾ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪوئٽه: سيڪيورٽي ادارن مستونگ ڌماڪي ۾ ملوث هجڻ ۽ سهولتڪاري جي شڪ ۾ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي ذريعن ٻڌايو آهي ته مستونگ آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ جاري آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ملي مختلف آپريشن ڪيا پيا وڃن.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب گرفتار ڪيل ماڻهن جي نشاندهي تي وڌيڪ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن پر آپگهاتي حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ جي حوالي سان اڃان تائين وڌيڪ ڄاڻ نه ملي آهي.

ذريعن ٻڌايو ته ڊي اين اي ۽ فارنزڪ جون رپورٽون اڃان تائين نه مليون آهن جڏهن ته حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ ٻيا ذريعا به استعمال ڪيا پيا وڃن.

سي ٽي ڊي ذريعن ٻڌايو آهي ته مستونگ آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ ۽ نتيجن ۾ ڪجهه وقت وڌيڪ لڳندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔