توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس: احتساب عدالت بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  احتساب عدالت توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه ڪيس ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ عمران خان جي گهر واري عدالت ۾ پيش ٿي جڏهن ته بشريٰ بي بي طرفان لطيف کوسو دليل ڏنا.

ٻڌڻي دوران لطيف کوسي دليل ڏيندي چيو ته نيب بيان ڏنو هو ته في الحال بشريٰ بي بي جي گرفتاري جي ضروري نه آهي. نيب پراسيڪيوٽر طرفان استعمال ڪيل لفظ(في الحال) تي مون کي اعتراض آهي. لفظ في الحال کي آڏو رکندي ڪجهه اعليٰ عدليه جا فيصلا گڏ آندا آهن. جيڪڏهن گرفتاري تي مائنڊ تبديل ٿئي ٿو ته پهريان عدالت کي آگاهي ڏيڻ ضروري آهي. نيب جي ٽيم ٻاهر وڃڻ شرط چوي ٿي ته اسان في الحال گرفتار نه ڪرڻ جو چيو هو، نيب طرفان چيو ويندو آهي ته في الحال جو وقت ختم ٿي ويو آهي ان لاءِ گرفتار ڪرڻو آهي.

لطيف کوسي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جو عدالت ۾ حوالو ڏنو. عدالت بشريٰ بي بي جي گرفتاري کان اڳ عدالت کي آگاهه ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي دليل طلب ڪيا.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته هن وقت ئي نيب کان پڇي ٿا وٺون ته هو بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪرڻ چاهين ٿا يا نه. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيڪڏهن ميرٽ تي ضمانت واري درخواست رد ٿي وڃي ته گرفتاري ٿي سگهي ٿي. قانون ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ آگاهه ڪيو وڃي.

لطيف کوسي چيو ته نيب جو ارادو تبديل ٿيڻ تي عدالت ذريعي آگاهه ڪيو وڃي ڇو ته حفاظتي ضمانت اسان جو بنيادي حق آهي.

جنهن کان پوءِ عدالت نيب پراسيڪيوٽر ۽ لطيف کوسي جي دليلن کان پوءِ بشريٰ بي بي جي ٻنهي ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 12 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔