عمران خان اٽڪ کان اڊيالا جيل منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اٽڪ جيل مان وڏي خبر سماهون اچي وئي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين اٽڪ جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايف آءِ اي به چالان جمع نه ڪرايو جنهن تي عدالت ايف آءِ اي کي جلد چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت جي سامهون بيان ڏنو آهي ته اڊيالا جيل منتقل ٿيڻ نٿو چاهيان مان اٽڪ جيل ۾ ايڊجسٽ ٿي ويو آهيان. عمران خان چيو ته مان پنهنجي وڪيلن کي چوندس ته اڊيالا  منتقل ٿيڻ جي درخواست واپس وٺي ڇڏين.

ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي اٽڪ کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔