بشريٰ بي بي جو اڳوڻو مڙس خاور مانيڪا دبئي وڃڻ جي ڪوشش دوران گرفتار

بشريٰ بي بي جو اڳوڻو مڙس خاور مانيڪا دبئي وڃڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ٿي ويو آهي

اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته خاور مانيڪا کي غير قانوني اڏاوتن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

خاور مانيڪا نجي ايئر لائين ذريعي لاهور کان دبئي وڃي رهيو ته ايف آءِ اي پاران کيس اي سي ايل ۾ نالو هجڻ سبب روڪيو ويو

ايف آءِ اي پاران خاور مانيڪا کي روڪڻ بعد اينٽي ڪرپشن پنجاب حوالي ڪيو ويو

 خاور مانيڪا تي قبرستان جي ايراضي تي قبضو ڪري غير قانوني شادي هال ۽ 26 دوڪان تعمير ڪرائڻ جا الزام آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔