ننڍپڻ ۾ خواهش هئي ته وڏي ٿي اميتاڀ بچن ٿيان: جگن ڪاظم

ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور مارننگ شو ميزبان ۽ اداڪاره جگن ڪاظم چيو آهي ته ننڍپڻ ۾ سندس خواهش هئي ته اها وڏي ٿي ڪري بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن ٿئي

جگن ڪاظم هڪ نجي ٽي وي چينل جي مزاحيه پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪندي ٻڌايو ته اها پنهنجي ننڍپڻ ۾ ڇوڪرن وانگر ڳالهائيندي هئي ۽ سندس خواهش هئي ته اها وڏي ٿي اداڪار بڻجي

هن چيو ته جڏهن به ڪوئي پڇندو هيو ته وڏي ٿي ڇا ٿيڻو آهي؟ ته منهنجو جواب هوندو هيو ته اداڪار بڻجڻو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پڇندا هئا ته ڪهڙي اداڪاره بڻجڻو آهي ته مان چوندي هيس ته مون کي اميتاڀ بچن بڻجڻو آهي

اداڪاره پاڪستان ڊرامه انڊسٽري جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته افسوس! اسان جي ڊرامن ۾ پيار بدران تشدد ڏيکاريو پيو وڃي، جنهن سبب معاشري ۾ به ڪٿي نه ڪٿي تشدد، لڙائي جهڳڙن کي هٿي ملي رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔