اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون موجوده سيٽون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن تڪ بندين ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي موجوده سيٽن جو انگ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي لاءِ شروعاتي تڪ بندين تي ڪم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن سڀاڻي شروعاتي تڪ بندين جي منظوري ڏيندو جنهن جي فهرست 27 سيپٽمبر تي جاري ٿيندي.

نئين تڪ بندين ۾ به اليڪشن ڪميشن طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون موجوده سيٽون برقرار رکيون پيون وڃن. اليڪشن ڪميشن جي تڪ بندي ڪميٽين شروعاتي تڪ بندين تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو آهي ته عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ تڪ بندين تي ڪم تيزي سان جاري آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي منظوري کان پوءِ شروعاتي تڪ بندين جي فهرست جاري ڪئي ويندي. جڏهن ته ان تڪ بندين تي تجويزون ۽ اعتراض 28 سيپٽمبر کان 28 آڪٽوبر تي داخل ٿي سگهندا جنهن کي ڪميشن 26 نومبر تائين اڪلائيندي ۽ حتمي فهرست 30 نومبر تي جاري ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔