پيپلزپارٽي لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

پاڪستان پيپلز پارٽي سينيئر قانوندان ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان لطيف کوسا جي پارٽي رڪنيت معطل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي

پيپلز پارٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل لطيف کوسا جي سي اي سي جي رڪنيت به معطل ڪئي وئي آهي

ترجمان موجب لطيف کوسا کي پارٽي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو، پر اُن جواب ناهي ڏنو، جنهن تي لطيف کوسا خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي

ياد رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر ربخاري طرفان پارٽي پاليسي جي ابتڙ چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪالت ڪرڻ تي لطيف کوسا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو

لطيف کوسا جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي منهنجي پارٽي آهي ۽ ڪير به مونکي پارٽي کان ڪڍي نٿو سگهي، جڏهن شوڪاز نوٽيس مليو ته جواب ڏيڻ جو فيصلو به ڪندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔