وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ هٿان آئرلينڊ کي شڪست

لنڊن : وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ دفاعي چيمپيئن نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ آئرلينڊ کي 4 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سائوٿمپٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسون اسڪور ڪيون، ايزي شارپ 36، بروڪ هاليڊي 34 ۽ ڪپتان ميلي ڪير 30 رنسن جي اننگز کيڏي، اورلا ۽ ڪارا مري ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. هدف جي جواب ۾ آئرش ٽيم جي بيٽرن اورلا ۽ گيبي لوئيس ٻي وڪيٽ تي 110 رنسن جي پارٽنرشپ سان ٽيم لاءِ جيت جو رستو آسان ڪيو پر انهن ٻنهي جي هڪ پٺيان ٻي آئوٽ ٿيڻ شرط آئرش ٽيم پنهنجي منزل وڃائي ويٺي. اورلا 59 ۽ گيبي لوئيس 58 رنسون اسڪور ڪيون، آخري اوور ۾ جيت لاءِ آئرلينڊ کي 15 رنسون گهربل هيون پر هو هدف حاصل نه ڪري سگهيون ۽ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنسون ئي ٻاهريون ڪري سگهيون. ميلي ڪير ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ آل رائونڊ ڪارڪردگي تي کيس پليئر آف دي ميچ پڻ قرار ڏنو ويو.

تبصرے بند ہیں۔