شهباز شريف اهم ڳالهه لاءِ لنڊن ويو، ججن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي

اسلام آباد: ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته انهن ججن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي جن اسان جي عدل جي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪيو، پي آءِ اي جي نجڪاري 30 سال اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها، نگران سرڪار کي پي آءِ اي جي نجڪاري ڪرڻ گهرجي،
هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي آءِ اي کي بند ڪري ڇڏيو، ان روٽ تي ڪا نئين ايئرلائن آڻيو، شهبازشريف کي لازمي طور نوازشريف سان ڪا اهم ڳالهه ڪرڻي هوندي، ان ڪري هو لنڊن ويو آهي،فون تي اهڙيون ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، هن چيو ته پ پ 15 سالن ۾ سنڌ ۾ ڇا ڪيو آهي اهو سڀ ڪجهه واضح آهي،
پ پ پنهنجي نقصان کي اسان جي نفعي سان نه ملائي،اهو ته چونڊن ۾ ئي خبر پوندي ته اسان ڪيتري نفعي ۾ آهيون، ايندڙ چونڊون 2018ع جهڙيون نه ٿينديون، تحريڪ انصاف کي پارٽي طور ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔