آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان سعودي عرب جي هم منصب جنرل فياض بن حميد الرويلي جي ملاقات

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سعودي عرب جي هم منصب جنرل فياض بن حميد الرويلي ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .

پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب جنرل فياض بن حميد الرويلي ۽ ان جي اعليٰ سطح جي فوجي وفد جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي .

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ملاقات دوران ڌرين گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ، دفاع ۽ سلامتي جي معاملن سميت ٻه طرفي سهڪار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .

جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ان کان اڳ وفد اڄ جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان به ملاقات ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔