بجلي جي 200 يونٽن تائين جي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد: انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) نگران حڪومت کي 200 يونٽن تائين صارفين کي رليف ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) بجلي جي واجب الادا ادائيگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
هن نگران حڪومت کي بجلي جي بلن ۾ وڏو رليف ڏيڻ کان روڪيندي چيو ته بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو ويو ته گردشي قرض گهٽ نه ٿيندو، بلن جي دير سان ادائيگي تي رڳو عارضي رليف ملندو.
بجلي جا 200 يونٽ وارا بلز ادا ڪرڻ ۾ دير تي 10 سيڪڙو سرچارج لاڳو نه ٿيندو، گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن تائين 200 يونٽس کان گهٽ استعمال ڪندرن کي رليف ملندو.
ڇهه مهينن ۾ هڪ ڀيرو به 200 يونٽ کان وڌيڪ جو بل آيو ته رليف نه ملندو.
بجلي جا 200 يونٽ کان وڌيڪ وارا سڀ صارفين رليف کان مهروم رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔