ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان اڄ ڪيو ويندو

لاهور: آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندڙ 10 ٽيمن مان پاڪستان واحد ٽيم آهي جيڪا هنيئر تائين پنهنجي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ناهي ڪري سگهي.
پي سي بي طرفان قومي اسڪواڊ جو اعلان نه ڪرڻ سبب سوشل ميڊيا تي مختلف افواهه سامهون اچي رهيا آهن ۽ ڪرڪيٽ شوقين به انجرڊ نسيم شاهه جي جاءِ تي محمد عامر کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي ۾ڪوبه تڪرار نه آهي.
ذريعن موجب، ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جي 15 رانديگرن جا نالا طئي ٿي چڪا آهن ۽ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ذڪاءَ اشرف اڄ ٽيم جو اعلان ڪندو.
نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي انجري سبب سندس جاءِ تي فاسٽ بالر حسن علي عالمي ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت ويندو، جڏهن ته زمان خان، ابرار احمد ۽ محمد حارث ٽريولنگ ريزرو ۾ هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميگا ايونٽ کان اڳ اسپن بالنگ ڪوچ به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو، اڳوڻو اسپنر مشتاق احمد بالنگ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔